تازہ ترین

اين ڊي ايم اي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻه سئو ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان ظاهر

اين ڊي ايم اي ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٻه سئو ملي ميٽر تائين برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ برسات سبب نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ٿي وئي آهي.

نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) موجب، ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ڪشمير، مالاڪنڊ، هزارا ۽ گوجرانوالا ۾ ٻه سئو مليٽر تائين برسات جو امڪان آهي جڏهن ته پوٺوهار، مردان ۽ لاهور ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.

اين ڊي ايم اي موجب، پنجاب ۾ فيصل آباد، ساهيوال، بهاولپور، ملتان، راڄن پور، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪراچي، ميرپورخاص، سکر، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽي، ٿرپارڪر ۾ ڪڪر وسندا.

برساتن کي نظر ۾ رکندي ايم ڊي ايم اي طرفان صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب، بلوچستان ۾ زوب، زيارت، قلات ۽ سبي ڊويزن ۾ برسات جون امڪان آهي جڏهن ته ڪي پي ۾ ڊي آءِ خان ۾به برسات متوقع آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com