تازہ ترین

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر ۾ جاري ڌرڻي جي هڪ طرفي تصوير سوشل ميڊيا تي ڏيکاري ” پروپيگنڊا “ جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر ۾ جاري ڌرڻي جي هڪ طرفي تصوير سوشل ميڊيا تي ڏيکاري ” پروپيگنڊا “ جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي.

بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته گوادر جي واقعي کي ڀارت ۽ برطانيا اُٿاريو جڏهن ته اسان جي ڪجهه سياسي اڳواڻن به پنهنجي ووٽ بئنڪ خاطر هڪ طرفي ڳالهه ڪئي جڏهن ته گوادر ۾ پُرتشدد هجوم سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا آهن.

هن چيوته عام شهرين جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي، صوبي ۾ جڏهن غير مقامي ماريا ۽ اغوا ڪيا ويندا آهن ته اسيمبلي ۾ ڪو به سياسي اڳواڻ ناهي ڳالهائيندو جڏهن ته ڪجهه سياسي اڳواڻ گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي بيان بازي ڪري اسان سان اڪيلي ۾ ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪندا آهن. سرفراز بگٽي چيو ته پيپلز پارٽي جهموريت تي يقين رکي ٿي ۽ فلحال اسان جا در ڳالهين لاءِ کليل آهن، اپوزيشن سان جيڪي ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا اُهي اچن اسان تيار آهيون ۽ حڪومت جو پيغام کين پهچائين، اسان هڪ شئي کانسواءِ مظاهرن جون سڀ ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار آهيون.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com