صدر آصف علي زرداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڀرتين جو عمل شفاف ۽ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي
ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪبر حسين دراني جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي
ملاقات ۾ صدر سرڪاري ملازمت ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ توڙي عورتن ۽ اقليتن کي سماج جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو
صدر چيو ته ڪميشن ملازمت لاءِ درست شخص جي چونڊ لاءِ جديد طريقيڪار تي غور ڪري، ڪميشن سول سروس ۾ ڀرتي جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائي
هن چيو ته ڀرتي جي بهتر ۽ شفاف جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪاري ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي، چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن جي منصفاڻي طور جائزو ورتو وڃي.
ڪميشن جي ميمبرن اڪبر حسين دراني صدر کي سرڪاري ملازمن جي ڀرتي ۾ ڪميشن جي ڪردار کان آگاهه ڪيو، ۽ ڪميشن جي مسئلن تي روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل، ڀرتي جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ سهڪار ۽ رهنمائي جي خاطري ڪرائي