تازہ ترین

ڪي پي ڪي ۾سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ڌار ڌار آپريشنز ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪي پي ڪي ۾سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ڌار ڌار آپريشنز ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن

آءِ ايس پي آر موجب ڪي پي جي ضلعي مهمند ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو ۽ فتنته  الخوارج جي قاري سميت 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ويو

آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو ويو ۽ قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪي پي پوليس جي اهلڪار ابرار حسين شهادت ماڻي

ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو، مقابلي دوران فتنته الخوارج جو خارجي صفت الله المعروف ملا منصور مارجي ويو ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا

خارجي صفت الله 12 ڊسمبر 2023 کي درابن ۾ آپگهاتي حملي ۾ سهولتڪاري سميت علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هيو

اتر وزيرستان جي ضلعي ۾ ٿيل ٽئين آپريشن ۾ فتنته الخوارج جو وڌيڪ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي، فورسز جي جوانن جون اهڙيون قربانيون عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com