سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي
برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته بجلي جو نظام پڻ ڊانواڊول ٿي ويو
ڪراچي جي شاهراع فيصل، ملير، آءِ آءِ چنديگر روڊ، صدر، صفوران، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو جاري
مٺي، ڀان سيد آباد، موهن جو دڙو، باڊهه،ميهڙ، ڏوڪري، ڪنري، ٽنڊوباگو، ٽنڊو جان محمد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو هلندڙ آهي
اڳڙا، ٻٻرلوءِ، ڀنگو بهڻ، جهول، کيبر، ڪوٽ بنگلو، ڪنب، مٽياري، ميرواهه گورچاڻي، مورو، نوابشاهه، پيروسڻ، رسول آباد، سڳيون، سوڀوديرو، ٽنڊو ڄام، ٺڪراٽو، عثمان شاهه هڙي ۽ ورڪشاپ ۾ ڪڪر وسي پيا
موسميات کاتي موجب چوماسي جي برساتن جو اسپيل رات کان سنڌ مان نڪري ويندو، 4 کان 6 آگسٽ تائين ٻيهر سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي لاڙڪاڻو، سکر، بدين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾گذريل رات پيل تيز برسات کانپوءِ هيٺانهين وارن علائقن ۾پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب رهواسين کي ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون آهن
