بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ٽئڪسن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو اڄ پنجين ڏينهن به جاري آهي، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان مهانگائي ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
راولپنڊي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته گورنر هائوس ڪراچي جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي پوءِ لاهور ۽ ملتان ۾ ڌرڻا هنيا ويندا
جماعت اسلامي جي بجلي جا اگهه گهٽائڻ، آءِ پي پيز جي آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت کي ٻن ڏينهن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، مطالبا مڃرائي ئي وينداسين، ٽي آگسٽ تي فلسطين ۽ پنج آگسٽ تي يومِ يڪجهتي ڪشمير ملهائينداسين
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شروع ناهي ٿي سگهيو، جماعت اسلامي پنهنجا ڏهه مطالبا حڪومتي ڪميٽي آڏو رکيا آهن
حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڌرڻي سبب پنجويهه ڪروڙ عوام ۾ اميد جو هڪ نئون ڪرڻو اُڀريو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي جا بل ادا ڪرڻ ڪنهن لاءِ به ممڪن ناهن رهيا، ڳاٽي ٽوڙ بلن سبب ٻارن جي تعليم ۽ گهر جو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي