سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻوٽا لڳائڻ واري مهم جي افتتاح ڪري ڇڏي
گورنر هائوس ۾ ٻوٽا لڳائڻ واري مهم جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلز، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز پڻ شرڪت ڪئي
تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل، گورنر هائوس کي هڪ هزار وڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو
تقريب ۾ گورنر هائوس، ايف جي آر ايف ۽ يونٽي فوڊ لميٽيڊ وچ ۾ الڳ الڳ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون
تقريب کي خطاب ڪندي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته صوبي ۾ ٻوٽا پوکڻ جي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي، سرسبز پاڪستان لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
سندس چوڻ هو ته هن وقت، موسمياتي تبديلي عالمي خطرو بڻجي چڪي آهي، ٻوٽا لڳائڻ جي مهم انهن خطرن کي وڏي حد تائين گھٽائي سگھي ٿي
ڪامران ٽيسوري چيو ته شاگردن کي پڻ ٻوٽن جي مهم ۾ شامل ٿيڻو پوندو، ننڍڙي ڪوشش وڏن خطرن کان بچائي سگهي ٿي
گورنر سنڌ جشن آزادي شاندار انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته گورنر هائوس ۾ جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي، جتي آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو
سند چوڻ هو ته آتشبازي ۽ ميوزڪ نائيٽ راحت فتح علي ۽ عاطف اسلم سان ملهائي ويندي