سنڌ حڪومت عوام کي گهر ويٺي ٽيڪس ڀرڻ جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اختيارين شرڪت ڪئي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شو رومز تي گاڏين جي رجسٽريشن کي آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي
سنيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي گهر ويٺي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي سهولت آندي پئي وڃي
هن چيو ته نئين ڊجيٽل سروس ماڻهن جو وقت بچائڻ، مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ آساني لاءِ ٺاهي وئي آهي
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نئون آن لائن سسٽم شفافيت کي وٺرائيندو، ماڻهو هاڻي گهر ويٺي گاڏين جو ٽيڪس ادا ڪري سگهندا
سندس چوڻ هو ته ماڻهو ڪنهن به وقت منٽن ۾ محفوظ ۽ قابل اعتماد انداز ۾ ٽيڪس ادا ڪري سگهندا
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتو عوام کي بهترين ڪارڪردگي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي
هن چيو ته وڏن شهرن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون، ٽيڪس نه ڏيندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئر نمبر پليٽ حاصل ڪندڙن کي سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، جنهن ذريعي جعلسازي کي روڪيو ويندو
هن چيو ته پريميئم نمبر پليٽ مالڪن کي گاڏي تبديل ڪرڻ تي نئون سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو،ل جنهن ۾ 50 نمبر نيلام ڪيا ويندا. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريميئم نمبر پليٽس جي آن لائين نيلامي به جلد شروع ڪئي ويندي، 200 نمبر پليٽس آن لائن نيلام ڪيون وينديون، اها رقم به ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي