سنڌپبلڪ سروس ڪميشن ھيڊ ماستر جي ڇٽا ڀيٽي واري امتحان جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ 174 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ويو آهي
امتحان لاءِ 18 هزار 340 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون، امتحان ۾ 623 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي کين گهربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي
لکت امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن جا زباني امتحان ھلندڙ سال جي جون ۽ جولائي مھيني ۾ ورتا ويا ويا، جن ۾ ڪامياب اميدوارن جا حتمي نتيجا جاري ڪري تعليم کاتي کي سندن مقرري جي سفارش ڪئي وئي آھي ڪامياب اميدوارن مان 108 جو تعلق رورل ڪوٽا ۽ 66 اميدوارن جو تعلق شهري ڪوٽا سان آهي