سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ چوماسي جا وسڪارا جاري آهن، برسات پوڻ بعد موسم گرمي جو زور گهٽجي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ اڪثر علائقن ۾ بجلي غائب رهي
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جڏهن ته هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب حيسڪو 120 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا
ميرپورخاص، شهيدبينظيرآباد، سکر،لاڙڪاڻو،قمبرشهدادڪوٽ،ٽنڊوالهيار،مٽياري،ٽنڊومحمد خان، خيرپور، نوشهروفيروز ۽ ڄامشورو سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ چوماسي جا وسڪارا جاري آهن.
ٽنڊوآدم، سامارو، چمبڙ، سنجر چانگ، ميرواهه گورچاڻي، ڪنري، اڏيرولال، کيبر، هالا، ميان صاحب، ٽنڊورحيم خان، ڪاڇو، کيرٿر، شيخ ڀرڪيو، ٽنڊو غلام علي، ڊگهڙي، تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ زوردار برسات پوڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي.
ٻٻرلوءَ، باهو کوسو، ٻانڌي، بڇيري، غوثپور، گلاب لغاري، گپچاڻي، ڄامشورو، جوهي، ڪمال ديرو، ڪوٽڙي، مانجهند، مهيڙ، نئون دمبالو، قبو سعيد خان، صالح پٽ، سامارو، ، ٺل، عثمان شاهه هڙي، ماتلي برسات پئي. کيرٿر واري جابلو پٽي ۾ زوردار برسات سبب مزاراڻي نئين وهي آئي جڏهن ته نئين جي پاڻي کي گڏ ڪري ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تعمير ڪرايل مزاراڻي ڊيم پڻ ڀرجي اوور ٽاپ ڪري وھڻ لڳو آهي