پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن دوران ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان خيبرپختونخواه ۾ ٿيو آهي، صرف ڪوهاٽ ۾ 10 ڄڻا فوت ٿيا، ڪيترائي واقعا رپورٽ نه ٿي رهيا آهن
پ پ پ چيئرمين چيو ته خيبرپختونخواه ۾ برسات سبب ماڻهو بي يارو مددگار آهن پر حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي
هن چيو ته پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا برسات دوران پنهنجي پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ رهن، اميد آهي ته پنجاب صوبي جي حڪومت برسات متاثرن جي امداد ڪندي
پ پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبائي وزير ۽ ميمبر بلدياتي ميمبرن سان گڏ امدادي ڪمن جي نگراني ڪن. بلاول ڀٽو چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪو به برسات متاثر حڪومت جي مدد کان محروم نه رهي، پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا، عهديدار ۽ ڪارڪن متحرڪ ٿي وڃن
