سموري ملڪ جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به يوم ڪشمير استحصال جي حوالي سان ريليون ڪڍي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي
لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا طرفان شهر جي پائيلٽ اسڪول کان ايس ايس پي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي
شهيد بينظيرآباد ۾ به ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سمير لغاري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
شڪارپور ۾ جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
خيرپور ۾ يوم ڪشمير استحصال جي حوالي سان ضلعي انتظاميا پاران سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان اسسٽنٽ ڪمشنر رجب سيٺيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
نوشھروفيروز ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ارباب علي اڄڻ، غلام فاروق وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي
ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميا جي سڏ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ٽاور چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڪشميري ڀائرن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو
ٽنڊومحمدخان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد يوسف، مختيارڪار فهد خليل بلو، ڊي اِي او راجا نثار ميمڻ، ٽي او سيد امجد حسين شاهه، پ ٽ الف اڳواڻ عارف قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ٽنڊوالهيار ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ضلعي انتظاميا طرفان ميونسپل ڪميٽي کان ريلي ڪڍي وئي
اوٻاوڙو ۾ راشد نواز راڄپر جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ استادن شرڪت ڪئي
سجاول ۾ سول سوسائٽي طرفان حميد کٽي، عبدالرشيد ميمڻ، بشير ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مامو لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي
ڪنڊياري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محبت علي ٻٽ ۽ ٽي ايم او سليم اختر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اندر ريلي ڪڍي وئي
قاضي احمد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان چوڌري، ٽي ايم او محمد امين ڏاهري، ٽائون آفيسر ڪاشف زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف چوڪن کان تعلقي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
وارھ ۾ ٽي او پرائمري سعيد عهد ابڙو، ٽي او زاهد ابڙو، صفر احمد ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
سامارو ۾ مختيارڪار آصف علي ڪالرو، ٽائون آفيسر فرحان لغاري، ايجوڪيشن آفيسر محمد ابراهيم خاصخيلي، پ ٽ الف اڳواڻ عبدالقيوم آرائين جي اڳواڻي ۾ شاهه لطيف بس اسٽاپ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
ڪوٽڙي ۾ ڪشمير يوم استحصال جي ڏينهن تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ بوائز هاءِ اسڪول کان المدينه چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ميرواهه گورچاڻي ۾ به اسسٽنٽ ڪمشنر شجاع آباد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
مٺي ۾ سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن کاتي پاران نيشنل بينڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
مٽياري ۾ سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين يوم استحصال ڪشمير ريلي ڪڍي وئي.
مانجهند ۾ ٽائون ڪميٽي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين طرفان ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي.
غوثپور ۾ هندو پنچائت، سول سوسائٽي ۽ قومي امن ڪاميٽي طرفان رميش لال، مهيندر ڪمار، راجڪمار مارواڙي ۽ شاهنواز ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ٻيراڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ديپڪ ڪمار، مختيارڪار ذوالفقار علي چنا، بهرام مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته عالمي دنيا ڪشميرين جي حق خود اراديت تي جو تحفظ ڪري، پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي