بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ بنگلاديشي آرمي چيف جنرل وقار الزمان ملڪ ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
آرمي چيف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ امن امان واپس آڻينداسين، شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي عبوري حڪومت جي قيام لاءِ ڳالهيون جاري آهن، انهي حوالي سان عوامي ليگ کانسواءِ سمورن سياسي جماعتن سان ڳالهيون ٿينديون
هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرفيو يا ايمرجنسي لڳائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، صدر سان جلد ملاقات ڪري عبوري حڪومت جي قيام تي ڳالهائيندس اميد آهي ته اڄ رات تائين مسئلن جو حل تلاش ڪري وٺنداسين
جنرل وقار الزمان عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته شاگرد پُر تشدد مظاهرن کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃن، يقين ڏياران ٿو ته مظاهرين دوران مارجي ويل جي جاچ ڪرائي ويندي
ياد رهي ته بنگلاديش ۾ 1971 جي جنگ وڙهندڙ جي ٻارن کي سرڪاري نوڪري ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ خلاف گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مظاهرا جاري هئا جن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا بنگلاديشي سپريم ڪورٽ ڪوٽا سسٽم ختم ڪري ڇڏيو هو پر شاگرد پنهنجي ساٿين کي انصاف نه ملڻ تائين جاري رکڻ ۽ سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي ۽ ڍاڪا طرف مارچ جو اعلان ڪيو هو