اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا اسيمبلي جي 58 ميمبرن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪري ورتو. لسٽ خيبرپختونخوا اسيمبلي کي ملي وئي
لسٽ موجب، پي ٽي آءِ جي ٻين 34 ميمبرن کي آزاد قرار ڏنو ويو. لسٽ موجب اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي اڪثر صوبائي وزيرن کي آزاد قرار ڏنو آهي
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي تحريڪ انصاف جو اسيمبلي ميمبر مڃيو ويو آهي. لسٽ ۾ ڪي پي ڪابينا جي 8 ميمبرن جا نالا شامل نه آهن، جن کي آزاد قرار ڏنو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ لسٽ ۾ صوبائي وزيرن آفتاب عالم، مينا خان، فضل حڪيم کي شامل ناهي ڪيو ويو. صوبائي وزيرن عدنان قادري، خليق الرحمان، لياقت علي ۽ ڊاڪٽر امجد جو نالو به پي ٽي آءِ لسٽ ۾ شامل ناهي جڏهن ته ڪلچر بابت صلاحڪار ذائد چن کي به آزاد قرار ڏنو ويو. ڪي پي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 92 آهي