بچاءُ واري وفاقي وزير چيو آهي ته 9 مئي ڪيسن جا فيصلا جيئن ٿيڻ گهرجن ايئن نه ٿي رهيا آهن، 9 مئي وارو معاملو حل ٿيڻ تائين ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن کي اڄ به قانون سهارو ملي رهيو آهي
خواجه آصف چيو ته اهڙي قسم جو ڪو به چانس ناهي ته 9 مئي کي وساري سگهجي، 9 مئي تي هڪ گروهه منظم سازش تحت بغاوت برپا ڪئي ۽ اها ناڪام ٿي وئي، اها بغاوت فوج پاڪستان جي اتحاد خلاف هئي، اها بغاوت هڪ شخص برپا ڪئي جيڪو پنهنجو وڃائي چڪو هو. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي وارو معاملو حل نه ٿيڻ تائين قطعي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ٿي رهي آهي، موجوده حالتن ۾ نين چونڊن جو امڪان ناهي، جيڪڏهن وقت کان اڳ چونڊون ٿيون ته فيصلو حڪومت ڪندي