پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته فلسطين ۾ 7 آڪٽوبر کان ظلم جاري آهي، انصاف واري عالمي عدالت اسرائيلي قدمن کي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي
سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي، اسرائيل ۽ ڀارت سرعام انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن
شيري رحمان چيو ته اسرائيل سمورن جنگي قانونن جا بخيا اڍيڙي ڇڏيا آهن، اسماعيل هنيه کي قتل ڪري اسرائيل هڪ امن ۽ جنگ يبند جي عمل کي سبوتاز ڪيو
شيري رحمان چيو ته اسرائيل نه رڳو امن جا بخيا اڍيڙيا پر عالمي قانونن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسرائيل، ايران ۽ لبنان ۾ به داخل ٿي حملا ڪيا
شيري رحمان چيو ته اسرائيل فلسطين ۽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، ٻارن ۽ عورتن جون هياءُ ڏاريندڙ تصويرون سامهون اچي رهيون آهن. هن چيو ته اسرائيل جو هڪ غيرقانوني قبضي جو منصوبو آهي، والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جيل بڻجي چڪا آهن، اسرائيل فلسطينين کي گهرن مان بيدخل ڪري رهيو آهي