سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ملاقات ڪئي آهي
ملاقات دوران چيئرمين نيب سان گڏ ڊي جي نيب جاويد اڪبر رياض، ڊي جي ڪراچي فياض قريشي، ڊي جي آپريشنز طارق بٽ شامل هئا
وڏي وزير سان گڏ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، سيڪريٽري جنگلات بدر جميل، چيف ڪنزرويٽر رياض وگن ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ترجمان مطابق اجلاس ۾ نيب جي ڪرپشن بابت جاچ تي غور ڪيو ويو، ٻيلي کاتي جي 3 ڏهائي 6 کرب رپين جي زمين محفوظ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون پڻ ٿيون
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نيب، ٻيلي کاتي ۽ روينيو کاتي جي گڏيل ڪوششن جا غير معمولي نتيجا سامهون آيا آهن، گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن سان ڪرپشن جو خاتمو آساني سان ٿي سگهي ٿو
ترجمان مطابق بدعنواني جي خاتمي لاءِ نيب ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ سهڪار تي وڏي وزير مراد علي شاهه، چيئرمين نيب جو شڪريو ادا ڪيو، چيئرمين نيب سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي ۾ جاري جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو
بريفنگ ڏني وئي ته 3 ڏهائي 6 رُپين جي هڪ ڏهائي 8 لک ايڪڙ زمين قبضي مان آزاد ڪرائي ٻيلي کاتي کي گڏيل ڪارروائي ڪري منتقل ڪيو ويو آهي
ترجمان مطابق ٻيلي کاتي جي 98 سيڪڙو زمين روينيو رڪارڊ ۾ منتقل ٿيڻ بابت وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي
نيب چيئرمين چيو آهي ته 70 سيڪڙو غير قانوني حددخليون هٽايون ويون آهن،
وڏي وزير چيو ته نيب ۽ سنڌ حڪومت گڏيل ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ غير قانوني الاٽمينٽون رد ڪيون آهن
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سروي آف پاڪستان 75 سيڪڙو ٻيلن جي حد بندي مڪمل ڪري ورتي ملاقات دوران سنڌ جي وڏي وزير ۽ نيب چيئرمين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي