صدر آصف علي زرداري سان پيمرا چيئرمين محمد سليم ملاقات ڪئي آهي
پيمرا چيئرمين ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري کي پيمرا 2021-23 جي رپورٽ پيش ڪئي
صدر جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو
صدر آصف علي زرداري چيو ته حقيقتن جي جاچ ۽ معلومات جي تصديق واري ڪلچر کي هٿي ڏيڻي پوندي، ميڊيا کي سماج ۾ رواداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي هٿي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي
ميڊيا صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي، جديد مواصلاتي ٽيڪنالوجي سبب نوان چئيلنجز آهن، غلط معلومات ۽ پروپيگنڊاجي حوالي سان ضابطا اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري پيمرا کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو