وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ارشد نديم کي فون ڪري کيس تاريخي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون
ان موقعي تي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ارشد نديم سان رابطي دوران چيو ته توهان 92 ڏهائي 97 ميٽر جي ٿرو ڪري عالمي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو ۽ قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو
وڏي وزير جي ترجمان مطابق سيد مراد علي شاهه، ارشد نديم کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته سنڌ جي عوام توهان سان ملڻ لاءِ بي تاب آهي
ان موقعي تي ارشد نديم پاران وڏي وزير جي فون ڪرڻ تي کيس ٿورا مڃيا، ارشد نديم چيو ته توهان جو فون تي رابطو ڪرڻ منهنجي لاءِ عزت جو سبب آهي. ارشد نديم، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي يقين ڏياريو ته مان جلد توهان سان ملڻ لاءِ سنڌ ايندس