قومي اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو
اولمپڪس ۾ ريڪارڊ ٺاهيندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ واري قومي هيرو ارشد نديم جي ڪاميابي تي حڪومت اپوزيشن سڀ خوشيون ملهائي رهيا آهن
ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ قومي هيرو کي اعليٰ سطحي ايوارڊ سان نوازڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي
قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير ٺهراءُ پيش ڪيو، جتي بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف ۽ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب شاندار لفظن ۾ ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٻئي پاسي ڪراچي جي هڪ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم جي ڪارنامي کي واکاڻيو