ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري کاتي ڪراچي ۾ سمورن ٽائونن کي پراپرٽي ٽیڪس وصولي وارو اختيار منتقل ڪري ڇڏيو
ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري کاتي مان 23 ڊويزنن جو رڪارڊ باضابطه طور تي مڪاني کاتي جي حوالي ڪيو ويو آھي
پهرين مرحلي ۾ ڪراچي جي 23 ڊويزنن جي پراپرٽي ٽيڪس وارو رڪارڊ مڪاني ادارن حوالي ڪيو ويو آھي ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد جي 9 ضلعن جو پراپرٽي ٽيڪس رڪارڊ مڪاني ادارن حوالي ڪرڻ جو ڪم جاري آهي
جڏهن ته ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ڊويزن جو رڪارڊ مرحلي وار مڪاني ادارن حوالي ڪيو ويندو. سيڪريٽري ايڪسائيز محمد سليم راجپوت پاران منتقلي بابت باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي
نوٽيفڪيشن موجب پراپرٽي ٽيڪس ملازم هاڻ موٽر وهيڪل ٽيڪس وصولي ۽ منشیات خلاف ڪريڪ ڊائون واري فيلڊ سرگرمين جون ذميواريون ادا ڪندا، تنظیم نو جي حصي طور ڪراچي جي اِي کان ايس تائين ڪم ڪندڙ 23 ڊويزنن جا نالا به تبديل ریجنز ۽ ٽائون رکيا ويا.
نوٽيفڪيشن موجب 23 ڊويزنن جي افرادي قوت ٽن مهينن تائين پراپرتي ٽيڪس وصولي سلسلي ۾ مڪاني ادارن سان معاونت ڪندي.
سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ،ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته تنظيم نو سان ايڪسائيز اینڊ ٽيڪسيشن کاتي جي ڪم ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري ٿيندي، افرادي قوت جي واپسي سان ڪراچي ۾ ايڪسائيز، موٽر وهڪيل ۽ نارڪوٽڪس خلاف ڪارروائيون وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿينديون.
ھن چيو ته جلد موٽر وهيڪل ٽيڪس وصولي ۽ منشيات خلاف پيٽرولنگ ۾ به اضافو ڪيو ويندو، ڪراچي جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ منشيات خلاف ڪارروائين ۾ تيزي ايندي. سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪس چوري جي خاتمي ۽ منشيات جهڙي لعنت مان جان ڇڏائڻ اسان جي اهم ترجيح ۽ ڪوششن کي طاقت ملندي، حڪومت پرعزم آهي ته تمام انتظامي عمل شهرين جي ضرورتن ۽ قانون مطابق هجڻ گهرجن