سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه گمبٽ لڳ کهڙا پهچي درگاهه مخدوم عبدالرحمان شهيد تي حاضري ڀري ۽ لائبري جو دورو ڪيو
سيد قائم علي شاهه درگاهه مخدوم عبدالرحمان شهيد تي حاضري ڀري چادر چاڙهي، کهڙا پهچڻ تي درگاھ جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي سيد قائم علي شاهه جي آجيان ڪئي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو
قائم علي شاهه مخدوم عبدالرحمان شهيد لائبريري ۽ ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو
ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعلي چيو ته مخدوم عبدالرحمان شهيد هڪ عظيم شخصيت هئي جنهن نه صرف دين اسلام جي خدمت ڪئي پر ادب جي ميدان ۾ پڻ پاڻ مڃايو. هن چيو ته مخدوم صاحب حق ۽ سچ خاطر پنهنجي 221 جانثار ساٿين سان گڏ شهادت جو جام پيتو