سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڊس موٽرز جو دورو ڪيو، وڏي وزير جي آمد تي انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي آجيان ڪئي
انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته دنيا جي 49 ملڪن ۾ مينيوفيڪچرڪنگ جي سهولت آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهن، انڊس موٽرز جي 4 ڏهائي 5 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري آهي
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته انڊس موٽرز جا 76000 يونٽس جا پروڊڪشن آهن، انڊس موٽرز 4000 افرادي قوت سان ڪم ڪري ٿو
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هڪ ڪار جو 64 سيڪڙو سامان مقامي سطح تي تيار ٿيندو آهي ۽ 36 سيڪڙو سامان گهرايو ويندو آهي
ان موقعي تي وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسٽيل مل گاڏين جي مينيو فيڪچرنگ ۾ ڪهڙي شيءُ مهيا ڪري سگهي ٿي؟
هن چيو ته انڊس موٽرز جي دوري جو مقصد صنعتي ترقي لاءِ قدم کڻڻا آهن، سنڌ حڪومت صنعتي ترقي لاءِ صنعتن جي ڀرپور مدد ڪندي. وڏي وزير چيو ته هو چاهي ٿو ته وڌ کان وڌ شيون ڏيهه مان برآمد ٿين، دوري دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڊس موٽرز جي پلانٽ جو به معائنو ڪ