تازہ ترین

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن جو احترام جا حقدار آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪجهه جج ان پهلوءَ کي نظرانداز ڪندي تذليل جوڳا رمارڪس ڏين ٿا

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن جو احترام جا حقدار آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪجهه جج ان پهلوءَ کي نظرانداز ڪندي تذليل جوڳا رمارڪس ڏين ٿا

سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي قومي اسيمبليءَ جي ٽن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبر احترام جا حقدار آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪجهه جج ان پهلوءَ کي نظر انداز ڪندي تذليل جوڳا رمارڪس ڏيندا آهن

اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هر آئيني ادارو ۽ آئيني عهديدار احترام جو مستحق آهي، اداري جي ساک ۾ تڏهن وڌارو يندو آهي جڏهن هو احترام جي دائري ۾ فرض سرانجام ڏئي

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته اِها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته ٽن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون نوَ ۽ ڏهه فيبروري تي اچي ويون هيون، پنج آگسٽ 2023 تي اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم ذريعي ريٽرننگ آفيسر کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو اختيار ڏنو ويو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ويو تنهن وقت اِها ترميم موجود هئي پر هاءِ ڪورٽ سيڪشن 95 جي ذيلي شق 5 کي مدنظر ئي نه رکيو، سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ طئي ڪري چڪي آهي ته اليڪشن تڪرار جو فورم اليڪشن ٽربيونل آهي، سپريم ڪورٽ طئي ڪري چڪي آهي ته هاءِ ڪورٽ اِهو معاملو ڏسي سگهي ٿي جتي اليڪشن ڪميشن جو اختيار نه هجي، ورڪرز پارٽي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اڄ قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن جي مختلف پولنگ اسٽيشنز ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي نون ليگ جي ٽن ايم اين ايز جي اسيمبلي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي هئي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com