وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ سال 10 لک نوجوانن کي سمارٽ فون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ ڪامن ويلٿ يونٽ الائنس سيڪريٽريٽ جو افتتاح ڪيو
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سمورا وسيلا قوم جي نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪنداسين، ميرٽ تي نوجوانن ۽ نياڻين کي سمارٽ فونز ڏينداسين
وزيراعظم چيو ته نوجوانن موقعو ڏنو ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، خواهش آهي ته خادم بڻجي عوام جي خدمت ڪيان.
وزيراعظم چيو ته چين دنيا جو ٻيو سڀ کان وڏو ترقي يافته ملڪ بڻجي چڪو آهي