سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي سنڌ مان نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت نشي کان ڇوٽڪاري جا وڌيڪ مرڪزي قائم ڪندي، هن وقت بحالي مرڪزن ۾ نشي جي عادي چار سئو ماڻهن جو علاج هلندڙ آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي تي سڄي قوم متحد آهي، سنڌ حڪومت جشن آزادي زور شور سان ملهائي رهي آهي.
هُن چيو ته نشي جي عادت کان ڇوٽڪاري جا وڌيڪ مرڪز قائم ڪنداسين، بحالي مرڪزن ۾ 4 سئو ماڻهن جو علاج هلندڙ آهي.
هُن چيو ته نشي کان ڇوٽڪاري لاءِ 70هزار ماڻهو علاج جي انتظار ۾ آهن، 14آگسٽ کانپوءِ نشي کان ڇوٽڪاري لاءِ آگاهي مهم هلائي ويندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سماج لاءِ منشيات زهر آهي، نشي جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي، صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي عمل ڪندي نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
هُن چيو ته سنڌ ۾ 7 هزار 571 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪراچي ۾ 1982 مقابلن ۾ 212 ڏوهاري ماريا ويا ۽ 8163 گرفتار ڪيا ويا آهن، سوشل ويلفيئر ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، يونيورسٽين ۾ به رينڊم ٽيسٽون ڪرايون وينديون، نوجوان نسل کي منشيات کان نه بچائي سگهياسين ته تمام وڏو نقصان ٿيندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ بجلي جا بل عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پپپلزپارٽي قيادت اهو مسئلو وفاق آڏو اٿاري چڪي آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اميد آهي ته ان سلسلي ۾ عوام کي جلد خوشخبري ملندي.
هُن چيو ته ملڪ جا سمورا ماڻهو ان نتيجي تي پهتا آهن ته پاڪستان ۾ سستي بجلي رڳو ٿر مان پيدا ٿئي ٿي، ٿر ڪول آصف علي زرداري جو ويزن هو، ٻاهران ڪوئلو گهرائڻ بند ڪرڻ تي سوچيو پيو وڃي.
هُن چيو ته ٻه سئو سالن تائين ٿر جو ڪوئلو ٻاهر موڪلي وڏو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، ٿرڪول منصوبي کي جن به نظرانداز ڪيو، انهن ملڪ جو نقصان ڪيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته نوري آباد بجلي گهر مان 9 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، پنڪ بس ۾ سفر ڪندڙ عورتن کي انهن جي حقن بابت آگاهي ڏني ويندي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اهو دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي ته پنڪ بس ۾ سفر دوران عورتن کي سندن حق بابت آگاهي ڏني ويندي، پي ٽي آئي اڳواڻ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي، عمر ايوب پهريان ڪي پي حڪومت جو جائزو وٺي.
هُن چيو ته سنڌ حڪومت جي اسپتالن مان پوري ملڪ جا ماڻهو علاج ڪرائڻ اچن ٿا، ڪي پي ۾ حڪومت جو تصور ئي ناهي، اُتي طالبان مائينڊ سيٽ کي اُڀاريو پيو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني طالبان سان ڳالهيون ڪيون ۽ انهن جا مدرسا کولڻ جي ڳالهه ڪئي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ طالبان بنون جيل تي حملو ڪيو، پي ٽي آئي ڊجيٽل دهشتگردي کان سواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، 9مئي واقعي دوران فوج کي سلام آهي جنهن صبر ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪيو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته فوج رياست جي بقا لاءِ وڏي دانشمندي جو مظاهرو ڪيو، پيپلزپارٽي سنڌ جي گورنر لاءِ بشير ميمڻ جو نالو ناهي ڏنو، اِهي سموريون ڳالهيون هوائي آهن