وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي 25 ٽائونز لاءِ ڪلڪ منصوبي تحت 10 هزار 40 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ڪلڪ منصوبي لاءِ رکيل فنڊز مان ترقياتي ڪم تيزي سان شروع ڪيا وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي مسئلن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته شهر ۾ 6 اسڪيمون جلد شروع ڪيون وڃن
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ايف بي ايريا ۾ شاداب فٽبال گرائوڊ، شادمان ٽائون ۾ پارڪ ۽ آءِ ٽي سينٽر قائم ڪيا وڃن.
هن چيو ته بلديه ۾ اسٽيڊيم جي بحالي، ميمڻ ڳوٺ ۾ روڊ جي مرمت ۽ يوسيز ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پراپرٽي ٽيڪس جو ڪم به جلد شروع ڪيو وڃي، ڪراچي جي ٽائونز ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي جي 25 ٽائونز لاءِ ڪلڪ منصوبي تحت 10 هزار 40 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ڪلڪ منصوبي لاءِ رکيل فنڊز مان ترقياتي ڪم تيزي سان شروع ڪيا وڃن