پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جويلين ٿرو جي عالمي چيمپئن ارشد نديم کي 10 ڪروڙ رپين ۽ گاڏي سان نوازي ڇڏيو.
وزيراعليٰ مريم نواز هيليڪاپٽر ذريعي رانديگر جي گهر پهچي ڪري سندس ڪٽنب سان ملاقات ڪئي.
هن تاريخي ڪاميابي تي ارشد نديم ۽ سندس گهر ڀاتين کي مبارڪون ڏنيون.
مريم نواز چيو ته ارشد نديم قوم کي بي مثال خوشيون فراهم ڪيون آهن.
هن رانديگر کي گولڊ ميڊل کٽڻ تي 10 رپيا انعام طور ڏنا،ملاقات کانپوءِ وزيراعليٰ مريم نواز ميان چنون کان لاهور رواني ٿي وئي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ارشد نديم کي وزير اعليٰ جي هدايت تي ڪار رجسٽريشن نمبر پي اَي ڪي 92.97 الاٽ ڪيو، سوکڙي ۾ ڏنل گاڏي ارشد نديم جي گهر پهچائي وئي