انڌاري ۽ برسات سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي مطابق 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ مختلف علائقن ۾ انڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي، لاهور، سيالڪوٽ ۽ ناروال ۾ تيز برسات سبب شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، درياهه چناب ۾ وچولي کان اوچي پاڻي جي سطح جو امڪان آهي
اين ڊي ايم اي عملدارن جو چوڻ آهي ته رحيم يار خان، بهاولپور ۽ ملتان ۾ به برساتن ۽ شهري ٻوڏ جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن سبب ڊي جي خان ۽ راجن پور جي جبلن جي نالن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب قلات، زيارت، زوب ۽ ڪوئيٽا ۾ برساتن ۽ جبلن مان پاڻي وهڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته سنڌ جي نوابشاهه ۽ سکر ۾ ڪجهه هنڌن تي شهري ٻوڏ جو خدشو آهي