صحت کاتي پاران منڪي پاڪس جي روڪٿام لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي
صحت کاتي جي ايڊوائيزري موجب منڪي پاڪس جو انفيڪشن جانورن کان انسانن ۾ يا هڪ ميٽر جي مفاصلي تي هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهو تائين پکڙجي سگهي ٿو
منڪي پاڪس ۾ بخار، مٿي، عضون ۽ گَلَي ۾ سُور جهڙي تڪليف جي شروعاتي علامتن ۾ شامل آهي
ايڊوائزري موجب ٻئي اسٽيج ۾ جسم تي ڳاڙها داغ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي 2 کان 4 هفته رهي سگهن ٿا، مرض جي سڃاڻپ کان پوءِ مريض کي ضروري سامان سان گڏ قرنطينه ۾ رکيو وڃي. ايڊوائزري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿ جي صفائي سٿرائي ۽ اين 95 ماسڪ جو استعمال منڪي پاڪس کان بچڻ لاءِ ضروري آهي