ٻٻرلوءِ ۾ نوجوان پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان ڪاوڙ منجهان امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو
نارا ڪئنال جي ٽاپ واري علائقي ۾ جوابدار راجا منگي پيرسن امڙ شبيران سيال کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو
وارثن صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جوابدار راجا پنهنجي امڙ کي سندس ڀاڻيجي جو رشتو عيوض طور ڏئي شادي ڪرائڻ لاءِ چيو
امڙ شبيران سيال پاران ڏوھٽي جو رشتو عيوض طور ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار راجا منگي پنهنجي امڙ کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو