سپريم ڪورٽ ٽيلي ڪام ڪمپنين کي سرويلنس لاءِ فون رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ ڊيٽا تائين پهچ کان روڪڻ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته عدالت ۽ پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، سچ ڪيئن سامهون ايندو.؟
جسٽس امين الدين ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻيءَ چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻيءَ دوران جسٽس امين الدين سوال ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ اهو طئي ڪيو هو ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته هيل تائين آڊيو رڪارڊنگ جو تعين ناهي ٿي سگهيو، ان حوالي سان جاچ هلندڙ آهي.
جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ ڪو به سچ تائين نٿو پهچي، سڄ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن ٺهي، ان تي سپريم ڪورٽ اسٽي جاري ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ تائين ٻيهر آڊيو ليڪس ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ئي ناهي ٿيو.
جسٽس نعيم اختر افغان وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي روڪيو ويو، نه پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي عدالت کي، سچ ڪيئن سامهون ايندو.
جسٽس امين الدين جو رمارڪس ۾ چوڻ هو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته جن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، انهن ئي آڊيو ليڪ ڪئي هجي، اڄڪلهه ته هر موبائيل ۾ رڪارڊنگ جو سسٽم موجود آهي، ان رخ کي به ڏسڻ گهرجي.
عدالت وفاقي حڪومت جي اپيل منظور ڪندي نجم ثاقب ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس بابت ڪيس جي ڪارروائي اڳتي نٿي وڌائي سگهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 29 مئي ۽ 25 جون جو حڪم اختيارن کان مٿانهون آهي، هاءِ ڪورٽ وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ناهي.
ان سان گڏ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي درخواست تي آڊيو ليڪس جو رڪارڊ به طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 مئي تي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين کي سرويلينس لاءِ فون رڪارڊ ڪرڻ، صارفين جي ڊيٽا تائين پهچ ڏيڻ ۽ ان جي استعمال کان روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي خلاف وفاقي حڪومت درخواست داخل ڪرائي هئي