تازہ ترین

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق، سنڌ جي عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ واري منصوبي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق، سنڌ جي عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ واري منصوبي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي. پنجاب حڪومت عوام کي 2 مهينن لاءِ رليف ڏنو آهي، اڳتي ڇا ٿيندو؟ ، بجلي سستي يا مهانگي ڪرڻ وفاق جو ڪم آهي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌحڪومت 10 سالن کان عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري پئي

هن چيو ته پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته سولر مان سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، وفاق مستقل رليف ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ته 45 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ماضي جي حڪومت پاران ڪيل غلطين جو ملبو اسان مٿان نه وڌو وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت جو ٻن مهينن وارو رليف ڏيکاءُ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، جيڪڏهن  بجلي سستي ڪرڻي آهي ته مستقل ۽ لانگ ٽرم ٿيڻ گهرجي.

سعيد غني چيو ته اسان سولر ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا، مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ وارا منصوبا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، برسات سبب سکر سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، نيڪال جو ڪم جاري آهي ، سکر ۾ 281 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي، شهر جو وڏو حصو ڪليئر آهي.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته دادو ضلعي ۾ به برسات جاري آهي، صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، سکر ۾ 36 ڪلاڪن دوران چار ڀيرا تيز برسات پئي هن چيو ته مخالف برسات شروع ٿيندي واويلا شروع ڪن ٿا، برسات دوران صفائي جو ڪم نٿا ڪري سگهون، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين برسات دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com