پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت گهڻو ڪم ڪيو آهي، جهڙي ريت سنڌ ۾ علاج ٿي رهيو آهي اهڙيون سهولتون ڪٿي به ناهن، پنجاب صوبي جي اسپتالن ۾ بهتري بابت مدد لاءِ تيار آهيون.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال جي نئين سائبر نائف يونٽ جو افتتاح ڪيو
افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم ڪراچي اچي ته کيس اين آءِ سي وي ڊي جو دورو ڪرائينداسين، چاهيون ٿا ته لاهور ۾ جي پي ايم سي، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي جيان مفت علاج ٿئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دل جي سڀ کان وڏي اسپتال ڪراچي ۾ آهي، سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پاٽنر شپ ذريعي بهترين ڪم ڪيو آهي، دنيا جا ادارا جي پي ايم سي جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪن ٿا، جي پي ايم سي، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون گڊ گورنرنس جو مثال آهن.
تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽنهي اسپتالن جو سٺين اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿو، سوشل ميڊيا تي ناڪاري خبرون وڌيڪ هلنديون آهن، اوهان ٻڌو هوندو ته سنڌ حڪومت ڪو به نٿي ڪري، سنڌ حڪومت بابت چيو ويندو آهي ته اسان ميگا پروجيڪٽس نٿا شروع ڪيون، لفظن کان وڌيڪ ڪم جي اهميت هوندي آهي، اسان دعويٰ نه پر ڪم ڪندا آهيون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جناح اسپتال جي بهتري سڀني جي آڏو آهي، اين آءِ سي وي ڊي کي دنيا ۾ دل جي سڀ کان بهترين علاج جو نيٽورڪ بڻايو آهي، خوشي آهي جو عوام کي مفت ۽ معياري علاج جي سهولت ڏئي رهيا آهيون