تازہ ترین

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عجيب ۽ غريب اعلان ٿيندا آهن جنهنڪري اسان پريشان ٿي ويندا آهن، هاڻي ان بيوقوفي واري اعلانن جو ڪهڙو جواب ڏيون

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عجيب ۽ غريب اعلان ٿيندا آهن جنهنڪري اسان پريشان ٿي ويندا آهن، هاڻي ان بيوقوفي واري اعلانن جو ڪهڙو جواب ڏيون؟.

جناح اسپتال ڪراچي ۾ نئين يونٽس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته خبر ناهي ماڻهو ٽي وي تي اچڻ لاءِ وقت ڪيئن ڪڍندا آهن، ڪم ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، جيڪڏهن ٽي وي تي اچي ٻڌائيندو رهندس ته ڪم ڪيئن ڪندس.

وڏي وزير چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ٽي وڏيون اسپتالون سنڌ حڪومت حوالي ٿيون، 25 سالن جو معاهدو ٿيو آهي ٽن اسپتالن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت سنڀاليندي، ان کان پهريان ڪير به هٿ نه لڳائيندو.

مراد علي شاهه چيو ته ٽئين سائبر نائف مشين جو افتتاح ڪيو آهي، پيپلز پارٽي پبلڪ پرائيوٽ پاٽنر شپ ٺاهي آهي، ٻنهي عمارتن لاءِ عطيو ڏيندڙن جا ٿورائتا آهيون.

هن چيو ته اسان اسپتالن جي بجيٽ وڌائي آهي، سموري صوبي جي اسپتالن ۾ شعبا قائم ڪيا آهن، پبلڪ پرائيوٽ پاٽنر شپ تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، پيشنٽ اينڊ فائونڊيشن سان پاٽنرشپ سان وڌيڪ بهتري آئي آهي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي اسٽاف ڀرتي ڪرڻ جي اجازت آهي، پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ سان وڌيڪ شعبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، جيڪو 50 سالن ۾ نه ٿي سگهيو اهو 8 سالن ۾ ڪري ڏيکاريو،  هر سال 100 کان وڌيڪ بسترن جو اضافو ڪري رهيا آهيون.

وڏي وزير چيو ته ٻين صوبن ۾ هيلٿ انشورنس جي ڳالهه ٿيندي رهندي آهي، هيلٿ انشورنس جو مطلب آهي ته پرائيوٽ اسپتالن کي پئسا ڏيون، اسان اهي پئسا پنهنجي اسپتالن کي ڇو نه ڏيون، اسان جي ڪينسر جي ريڊيالوجي سينٽر دنيا جي 10بهترين اسپتالن ۾ شامل آهن، اسان وڌيڪ جديد سائبر مشين گهرايون آهن، هن جديد مشين سان 20 منٽن ۾ آپريشن مڪمل ٿيندو. هن چيو ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ جيڪي جديد سهولتون آهن اسان اهي هتي به فراهم ڪنداسين، صحت کاتي جو موقف آهي ته ان اسپتالن کي بورڊ آف گورنرز تحت هلائينداسين، بجيٽ اسان ڏئي رهيا آهيون ته ان تي وفاق ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com