سنڌ سرڪار منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان وڪرو ڪندڙن خلاف به آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جو اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ هدايت ڪندي چيو منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي
هن چيو ته منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هيو ته ڪنهن به هنڌ تي منشيات جي وڪري جو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي
هن چيو ته معاشري ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي آهي، نوجوان نسل متاثر ٿي رهيو آهي