تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب حڪومت پاران بجلي جي يونٽن ۾ جيڪو رليف ڏنو ويو آهي، اهو پنجاب حڪومت جو پنهنجو پئسو آهي، ان ۾ وفاق جو ڪو به ڪردار ناهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب حڪومت پاران بجلي جي يونٽن ۾ جيڪو رليف ڏنو ويو آهي، اهو پنجاب حڪومت جو پنهنجو پئسو آهي، ان ۾ وفاق جو ڪو به ڪردار ناهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مهانگائي ٽن سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، جيڪا 38 سيڪڙو کان گهٽجي 11.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف کي آمدني ۽ ٽيڪس جا هدف پورا ڪرڻ، پاور سيڪٽر ۾ خسارو گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته اسان پي ايس ڊي بجيٽ ۾ 50 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري گهريلو صارفين لاءِ ٽن مهينن جي رليف جو اعلان ڪيو هو، جنهن جو فائدو پاڪستان جي 86 سيڪڙو گهريلو صارفين کي پهتو، بلوچستان حڪومت کي پارٽنرشپ ۾ 70 ارب رپين جا 28 هزار سولر پينل ڏيڻ جو منصوبو آهي، جنهن ۾ وفاق 55 ارب رپيا بجلي چوري گهٽائڻ لاءِ ڏيندو.

هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن مان 500 يونٽن تائين بجلي جي ٻن مهينن لاءِ 14 رپيا في يونٽ جي رليف جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي ترقياتي فنڊن مان 45 ارب رپيا مختص ڪيا،  وفاقي حڪومت ان ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو، اهو پنجاب حڪومت پنهنجي صوبي جي عوام کي تحفي طور ڏنو.

وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ان رليف بابت منفي ڳالهيون ٻڌيون ويون، پنجاب پنهنجي فنڊن مان رليف ڏنو، اسان کي ڪجهه به ناهي ته ڪي پي حڪومت پنهنجي عوام کي رليف ڏئي، بسم الله ڪري، اهي پنجاب حڪومت جي پيروي ڪري دين ۽ دنيا ڪمائين، پر سياست ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته آءِ ايم ايف کي پوري طرح سان گڏ ويهارينداسين ۽ ملڪ لاءِ فيصلا ڪنداسين، پي ٽي آءِ حڪومت جهڙو ڪو به جاهلاڻو فيصلو نه ڪنداسين، جنهن سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿئي، جنهن سبب اسان ڊفالٽ تائين پهچي وياسين

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com