تازہ ترین

عدالت ڪارساز ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ عورت کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

عدالت ڪارساز ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ عورت کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪارساز تي گاڏي جي ٽڪر سبب پيءُ ۽ ڌيءَ جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، جنهن تي جاچ آفيسر جوابدارن جي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.

جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر عامر الطاف جوابدار جي عدم پيشي ۽ جوابدار جي عارضي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جناح اسپتال جي نفسيات جي ڊاڪٽر چني لال جوابدار جو معائنو ڪيو ۽ کيس اسپتال داخل ڪرايو،  ڊاڪٽر موجب جوابدار جي حالت اهڙي ناهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جوابدار جي ذهني حالت انتهائي خراب آهي، جنهن ڪري ڊاڪٽر جي هدايتن تي جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل درخواست ڪئي ته منهنجي موڪل جي ضمانت منظور ڪئي وڃي ڇو ته سندس ذهني حالت ٺيڪ ناهي، جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جوابدارن جي حاضري کان سواءِ ضمانت نٿي ٿي سگهي، خاص عدالت اسپيشل مئجسٽريٽ جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ عدالت وٽ ضمانت جو اختيار ناهي، ان ڪري جوابدارن کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو پيو وڃي.

عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار کي سڀاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن جوابدار پيش نه ٿي سگهي ته ان جو طبي سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گرفتاري وقت جوابدار جو ڊرائيونگ لائسنس ضبط ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر ڪنڌ جهڪائي عدالت جي پڇا ڳاڇا تي منفي جواب ڏنو، جنهن بعد جوابدار جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل وٽ پاڪستان جو نه پر برطانيا جو لائسنس آهي، ان تي عدالت سوال ڪيو ته برطانيا جو لائسنس پاڪستان ۾ ڪيئن قبول ٿيندو؟ جنهن بعد عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ ڏئي اربع تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com