تازہ ترین

وڏي وزير مراد علي شاهه خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ برساتون ٿيون ته ايم اين وي ڊرين ذريعي نقصان ٿي سگهي ٿو

وڏي وزير مراد علي شاهه خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ برساتون ٿيون ته ايم اين وي ڊرين ذريعي نقصان ٿي سگهي ٿو، ايم اين وي ڊرين وفاق جو منصوبو آهي جنهنجو ڪم تسلي بخش ناهي، وفاق وٽ ساڍا 8 سئو ارب پيل آهن، جيڪي پيسا ٻن سالن کان جاري ناهن ٿيا، وزير اعظم سان ان بابت  ڳالهايو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي وڏي وزير مراد علي شاهه چئن برسات متاثرن ضلعن جو هنگامو دورو ڪيو.

وڏي وزير لاڙڪاڻي پهچي موريو لوپ بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتن سبب سکر بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڪينال بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بئراج جي ساڄي پاسي ڇهه وڏا ڪينال ۽ 23 واهه نڪرندا آهن. ٽوٽل 328 ننڍن ۽ وڏن واهن مان رڳو دادو ڪينال ۾ گهارو پيو آهي

وڏي وزير آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته موريو بند جي نگراني سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌو درياهه جا بند مضبوط آهن، اصل خطرو پهاڙي علائقن مان ايندر برساتي پاڻي مان آهي، هن ڀيري موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان وڌيڪ برساتون پيون آهن پر صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.

وڏي وزير چيو ته دادو ۾ چاليهه ڳوٺ متاثر ناهن ٿيا، هو  پاڻ 15 سالن کان جوهي ۾ ايم پي اي رهيو آهي. اُتي بلوچستان مان برساتي پاڻي اچڻ ڪري ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته 25 کان 26 آگسٽ دوران برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو،  ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين .

وڏي وزير قمبر شهداد ڪوٽ پهچي  حمل ڍنڍ جو دورو ڪري پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو.

آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ آبپاشي سيڪريٽري ظريف کهيڙو حمل ڍنڍ جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني

وڏي وزير کي ٻڌايو يو ته حمل ڍنڍ جو پاڻي ايم اين وي ڪئنال ۽ ايف پي بند ذريعي منڇر ڏانهن موڙيو وڃي ٿو، 2022ع واري ٻوڏ دوران منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 18فوٽن کان مٿي ٿي وئي هئي پر هن ڀيري صورتحال معمول تي آهي.

وڏي وزير ميهڙ ۾ سپريو بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو وڏي وزير کي بند جي صورتحال کان آگاهه ڪيو

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 1932ع ۾ تعمير ٿيل سپريو بند وارهه، گاجي کاوڙ، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي جابلو علائقن مان ايندڙ پاڻي کان بچائڻ لاءِ دفاعي لائين آهي.

وڏي وزير دادو پهچي ايم اين وي ڊرين جو معائنو ڪيو، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کهيڙو وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ايف پي بند تي ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ پنج دروازا لڳايا ويا آهن ۽ هر دروازي جي ويڪر 10 فوٽ آهي جتان 1500 ڪيوسڪ پاڻي گذري سگهي ٿو.

وڏي وزير ايم اين وي ڪئنال تي ڪاري موري پل جي بحالي واري ڪم جو جائزو ورتو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيندي وڏي وزير چيو ته وفاق وٽ ايم اين وي ڊرين ٺاهڻ لاءِ پئسا ناهن، ايم اين وي ڊرين تي وفاقي سرڪار پاران 2 سالن دوران مٽي جو هڪ لپو به ناهي لاٿو ويو جنهن تي خدشا آهن.

وڏي وزير ٻڌايو ته واپڊا چيئرمين جو موقف آهي ته ايم اين وي ڊرين جي مرمت لاءِ 8 ارب رپين جو منصوبو وفاقي حڪومت کي موڪليو آهي جيڪو ٻن سالن کان منظور ناهي ٿيو. وڏي وزير چيو سنڌو جا بند مضبوط آهن، پر ايم اين وي ڊرين جي صورتحال خراب آهن

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com