مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني ڪارساز حادثي ۾ فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌي جي گهر پهچي وارثن سان ملاقات تعزيت ڪئي آهي.
اسڪيم 33 واري علائقي ۾ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان ملاقات ڪرڻ دوران صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا آهن ۽ لاڳاپيل آفيسرن سان به ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير به ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي.
ان موقعي تي صوبائي وزير حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته معاملي ۾ ساڻن ڪا به ناانصافي نه ڪئي ويندي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کان سمورا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن ۽ پوليس کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هر صورت ۾ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حادثي جي ذميوار عورت کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملڻ گهرجي