سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ھن وقت ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سنڌ ۾ استعمال نه ٿي رھي آھي، سنڌ جي بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رھي آھي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ لاهور جي صحافين ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته 70 سيڪڙو گئس سنڌ پيدا ڪري رهيو آھي.
هن چيو ته ٿر ڪوئلي مان 3 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي ، سڀ کان وڌيڪ سستي بجلي ٿر ڪول مان ٺهي رهي آهي .
هن چيو ته ھن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي آھي، ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي .
وڏي وزير چيو ته عوام جو پئسو امانت آھي، سنڌ ۾ صحت جي شعبي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي طرف وڌيڪ ڌيان ڏئي رھيا آھيون.
اسان وٽ جيڪو ڪوئلو موجود آھي، ان مان سستي بجلي پيدا ڪري سگھجي ٿي،ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڌو فيصل آباد ويندي آھي.
وڏي وزير چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڄي پاڪستان کي روشن ڪري سگھي ٿي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ھو ته اسان کي پنهنجون اسپتالون بھتر ڪرڻيون آھن.
سندس چوڻ هو ته برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو، صورتحال بھتر آھي،برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رھيا آھيون