تازہ ترین

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، کيس هٽائڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، کيس هٽائڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي

گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪورس جاري آهي، حيدرآباد ۾ 90 هزار شاگردن کان آءِ ٽي ڪورس ۾ ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن مان 57 هزار شاگرد پاس ٿيا، جن جو نتيجو گورنر ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو.

گورنر سنڌ چيو ته حيدرآباد ۾ آءِ ٽي ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ شاگرد مايوس نه ٿين، کين ٻيهر ٽيسٽ ورتي ويندي، هڪ هفتي اندر سکر ۾ آءِ ٽي ڪورس جي ٽيسٽ ورتي ويندي.

هن چيو ته گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪورس ڪندڙ شاگردن کي گوگل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويندا، آءِ ٽي ڪورس ڪندڙ شاگرد سوين ڊالر ڪمائي رهيا آهي.

گورنر سنڌ چيو ته گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم سميت بوهره برادري جي اڳواڻ سئو سئو آءِ ٽي شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪامران خان ٽيسوري چيو ته گورنر هائوس ۾ هزارين غريبن کي راشن ڏنو پيو وڃي، جيترو وقت گورنر جي عهدي تي آهيان، تيستائين سماجي ڪم ڪندو رهندس، تبديلي واريون هلندڙ خبرون رڳو افواهه آهن. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته 22 مهينن ۾ پنهنجي پگهار ناهي ورتي، ملندڙ پگهار سماجي ڪمن تي خرچ ڪندو آهيان

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com