موسميات کاتي ايندڙ 3 ڏينهن تائين ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
اين ڊي ايم اي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
21 کان 24 آگسٽ دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ اين ڊي ايم اي اڳڪٿي ڪئي آهي ته تيز برساتن سبب مقامي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿيندي. اين ڊي ايم اي موجب خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي پختونخواهه، ايبٽ آباد، پارا چنار، چارباغ، چارسده، چترال، دير، هري پور، هزاره سميت مالاڪنڊ، مانسهره، مردان، پشاور ۽ صوابي ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو امڪان آهي