تازہ ترین

مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ 13 ٽائون چيئرمينن جو اهم اجلاس ٿي گذريو

مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ 13 ٽائون چيئرمينن جو اهم اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار سيد وقار مهدي، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار نجمي عالم پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سڀئي ٽائون چيئرمين، پنهنجي وائيس چيئرمينن، يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان مڪمل رابطي ۾ رهن، شهر مان ڪنهن به ٽائون وائيس چيئرمين يا ڪائونسلر جي شڪايت ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي ڪراچي جي سمورن شهرن ۽ يوسيز ۾ عوامي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن، ڪوشش آهي ته يونين ڪميٽين، يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ميونسپل  جي سمورن ملازمن جون پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.

وقار مهدي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر پاران پارٽي جي سمورن چيئرمينن کان ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪارڪردگي رپورٽ تي ايندڙ مهيني سمورن ٽائون چيئرمينن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ۽ رپورٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پيش ڪئي ويندي

هن چيو ته پارٽي چيئرمين واضح طور تي حڪم ڏنو آهي ته پارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ پارٽي تنظيم سازي کي وڌيڪ بهتر بڻائين ته جيئن ڪراچي جي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ۽ ٽائونز جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، جلد گڏجاڻي ڪري درپيش مسئلن جي حل کي يقيني بڻايو ويندو مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جا سمورا 25 ٽائون جن کي گڏ کڻي هلنداسين، واٽر بورڊ، سنڌ سالڊ ويسٽ سميت سمورن ادارن کي به آن بورڊ ورتو ويندو، ڪراچي کي روشنين جو شهر ۽ مسئلن کان آجو بڻائڻ چاهيون ٿا

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com