صدر مملڪت آصف علي زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي فضل الرحمان سندس آجيان ڪئي.
صدر مملڪت آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان کي بندوق جو تحفو پيش ڪيو.
آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ايندڙ هفتي ٿيڻ واري امڪاني قانون سازي تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي گڏيل اجلاس بابت آگاهه ڪيو ويو آهي