صدر مملڪت آصف علي زرداري سان بهاولپور جي نواب صلاح الدين احمد عباسي ۽ سندس پٽ بهاول خان عباسي ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران ملڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ صدر آصف علي زرداري، نواب آف بهاولپور ۽ سندس خاندان جي پاڪستان خاص طور تي سماجي شعبي ۾ خدمتن کي ساراهيو. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز ۽ پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو