تازہ ترین

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته قوم جي تعمير ۾ صحافت جو اهم ڪردار آهي، صحافت جو وجود جمهوريت جي بقا ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته قوم جي تعمير ۾ صحافت جو اهم ڪردار آهي، صحافت جو وجود جمهوريت جي بقا ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي.

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪريٽري سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران سنڌ جي گورنر صحافي برادري جي ڀلائي توڙي ٻين درپيش مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو.

گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته صحافت کي سماج جي اک ۽ جمهوريت جو چوٿون ٿنڀ تصور ڪيو ويندو آهي، سماج جي چڱائي ۽ خرابي صحافت ذريعي ئي سامهون ايندي آهي، جديد دور ۾ صحافت هڪ مڪمل نئون رخ اختيار ڪيو آهي.

سنڌ جي گورنر چيو ته معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جو اعتماد ئي صحافت جي ڪاميابي جو ثبوت آهي، صحافت هر دور ۾ هڪ طاقتور، اثرائتو ۽ متاثر ڪندڙ حقيقت رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، صحافين جي رهائشي اسڪيم، وفاقي فنڊنگ بابت لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهايو ويندو. پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته گورنر سنڌ جا فلاحي قدم اهم ثابت ٿي رهيا آهن، گورنر ڪامران خان ٽيسوري سنڌ جي صحافي برادري جي مسئلن ۾ دلچسپي خوش جهڙي ڳالهه آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com