وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي دشمنن سان ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردي جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ دهشتگردي جا افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن، دهشتگردي جي تازي لهر ۾ 50 کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن. شهيد ٿيندڙن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا بهادر سپاهي به شامل آهن
هن چيو ته دهشتگردن خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ بيگناهه پاڪستانين کي نشانو بڻايو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغان سرزمين مان ڪارروايون ڪندا آهن
وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي غلط فهمي آهي ته هو حملا ڪري سگهن ٿا، سندن ناپاڪ مقصد پاڪستان جي ترقي کي روڪڻ آهي
شهباز شريف چيو ته دشمن قوتون چين ۽ پاڪستان وچ ۾ خلاءَ پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون، سڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، دهشتگردي جي تازن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردن خلاف انتهائي اثرائتو آپريشن ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي
شهباز شريف چيو ته ملڪ جي دشمنن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ملڪ ۾ دهشتگردن جي ڪا به جاءِ ناهي، دهشتگردي جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، پاڪ فوج کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا، هر صورت ۾ دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين ، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج ۽ قوم متحد آهي
هن چيو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري ملڪ مان دهشتگردي جو جو خاتمو آڻينداسين، دشمنن کي سمجهڻو پوندو ۽ سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪافي ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي آئين تي يقين رکندڙن لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪهڙي حصي ۾ ماڻهن کي بسن مان ڪڍي شهيد ڪيو ويو، اهو چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو ته دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي، جلد بلوچستان جو دورو ڪندس صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فوري طور تي جامع قدم کنيا ويندا