نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بلوچستان جي معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، آپريشن تي ڀلي هڪ هزار ارب لڳن پر اسان کي گڏجي دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻو آهي
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار ٻڌايو ته وزيراعظم ٻن ڏينهن ۾ بلوچستان وڃي رهيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي اتي پهچي ويو آهي، اسان اڄ به چئون ٿا ته پاڪستان جي رياست کي مڃيندڙن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، پر ناراضگي جي نالي تي جبلن تي چڙهي ويندڙن جي قدمن جي مذمت ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ضروري آهي
هن چيو ته جبلن تي چڙهي قتل عام ڪندڙ ٻاهرين ايجنسين جا اوزار بڻيل آهن، اهي ملڪ کي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ چاهين ٿا، دشمن جي خواهش آهي ته ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ ڪنهن به صورت ۾ معاشي طور تي مستحڪم نه ٿئي
نائب وزيراعظم چيو ته بلوچستان اسان کي ايترو عزيز آهي، جيترا ٻيا صوبا آهن هر پاڪستاني جو دل تازي دهشتگردي تي ڏکويل آهي، اسان کي انهي معاملي تي سياست جي بجاءِ اڳيان وڌڻو پوندو
هن مطالبو ڪيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، ٻنهي طرفن کان نمائندن کي شامل ڪيو وڃي، ايوان ۾ تمام گهڻا ذهين ماڻهو آهن، سينيٽ هڪ فيڊرن جي نمائندگي واري جڳهه آهي، جتي ويهي ڪنهن به علائقي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي
اسحاق ڊار چيو ته شفافيت سان اسان کي سوچڻو آهي ته اسان کي ملڪ ۾ امن ڪيئن واپس آڻڻو آهي، سال 2013 جو ڊيٽا کڻو ۽ دهشتگردي جي واقعن جي ڀيٽ ڪريو، قوم 2014 ۾ اي پي ايس واقعي کانپوءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو، اسان گهٽ وقت ۾ جنگ ڪئي، آپريشن ضرب عضب، ردالفساد سان وڙهي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، اسان پيٽ ڪاٽي اهو قدم کنيو ڇو ته آپريشن تي ساليانو هڪ سئو ارب روپيه خرچ ٿيا
نائب وزيراعظم چيو ته هاڻ جيڪڏهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ هزار ارب جا خرچ به آيا ته اسان کي آپريشن ڪرڻ گهرجي، اسان کي اهڙن ماڻهو کي ڪامياب ناهي ٿيڻ ڏيڻو جيڪي ملڪ جي خلاف آهن. هن چيو ته ماضي ۾ اسان ڪامياب آپريشن ڪيا پر پوءِ ڳالهين جي نالي تي وڏيون غلطيون ڪيون ۽ دهشتگردن کي اسان پاڻ جيلن مان ڇڏرايو، آپريشن سبب ڀڄي ويندڙ دهشتگرد پاڪستان ۾ ٻيهر واپس اچي ويا