سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته را ايجنسي افغانستان مان پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهي آهي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ پوري قوم رياست سان گڏ آهي
ڪامران ٽيسوري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهيون، ڪجهه عنصر پرڏيهي اشارن تي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن گورنر چيو ته ڪجهه عنصرن چهلم جي موقعي تي ڪراچي ۾ به ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري کي چئلينج ڪندڙ ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن